ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ميلبورن ٽيسٽ ميچ ۾ پنجن ڏينهن دوران مجموعي طور تي 3 لک 73 هزار 691 تماشائين گرائونڊ ۾ اچي ميچ ڏٺي، جيڪو آسٽريليا ۾ ڪنهن به ٽيسٽ ميچ دوران شوقينن جي حاضريءَ جو هڪ نئون رڪارڊ آهي.
ميلبورن ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن 74 هزار 362 ماڻهن گرائونڊ ۾ ميچ ڏٺي، ان کان اڳ 1936-37 واري ايشز سيريز دوران آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ميچ کي ڏسڻ لاءِ 3 لک 50 هزار 534 تماشائين گرائونڊ جو رخ ڪيو هو.
هي اُهو دور هو جڏهن سر ڊان بريڊمين جي ڪرڪيٽ دنيا تي حڪمراني هئي ۽ ٽيسٽ ميچز ڇهن ڏينهن تي ٻڌل هوندا هئا.
Prev Post
Next Post
You might also like