ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ جو ٽيرز رليز ٿي ويو.
فلم سڪندر جو ٽيزر ايندي ئي ڇانئجي ويو ۽ ان کي ڪروڙين ماڻهن ڏٺو آهي.
هڪ منٽ 40 سيڪنڊن جي ان ٽيزر ۾ هٿيارن سان ليس ولنز ڏيکاريا ويا آهن، جن سان سلمان خان وڙهي رهيو آهي.
جاري ڪيل مختصر ٽيزر ۾ رڳو سلمان خان جون جهلڪيون ڏيکاريون ويون آهن، ٽيزر ۾ ڪنهن ٻئي ڪردار کي ناهي ڏيکاريو ويو.
واضح رهي ته فلم سڪندر ايندڙ سال عيد جي موقعي تي رليز ٿيندي.
Next Post
You might also like