تندرستي هزار نعمت آهي، تندرست رهڻ لاءِ انسان ڪيترائي حربا استعمال ڪندو آهي پر هڪ اهم ڪم آهي، جيڪو روز ڪري انسان صحتمند رهي سگهي ٿو.
اهو ڪم آهي پنڌ ڪرڻ، انسان جيڪڏهن پنڌ ڪرڻ کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏي ته ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهي ٿو.
ماهرن موجب روز 5 کان 10 منٽ پنڌ ڪرڻ سان انسان اندر تخليقي سوچ جاڳندي آهي، کاڌو کائڻ کانپوءِ 30 منٽ پنڌ ڪرڻ سان وزن گهٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.
40 منٽ پنڌ انساني دل کي تندرست رکندو آهي ۽ دل جي مرضن جا خطرا گهٽجي ويندا آهن، جڏهن ته 90 منٽ پنڌ ڪرڻ سان مايوسي ۽ ڊپريشن گهٽجندو آهي.
پنڌ ڪرڻ سان جسم ۾ شگر جي مقدار به گهٽجندي آهي ۽ انسان شگر جهڙي مرض کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پنڌ ڪرڻ سان بلڊ پريشر گهٽ ٿيندو آهي ۽ انسان جو موڊ به خوشگوار رهندو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like