اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اسان اکين کي نقصان پهچائي رهيا آهيون!

اسان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪجهه اهڙيون غلطيون ڪري ويهندا آهيون، جيڪي اسان جي اکين جي صحت لاءِ نقصانڪار هونديون آهن.
توڙي جو انسان لاءِ سڀئي عضوا اهم آهن ۽ سڀني جو برابر خيال رکڻ گهرجي پر ماهرن موجب حساس عضون ۾ سڀ کان وڌيڪ احتياط جي ضرورت اکين کي هوندي آهي.
ماهرن ڪجهه اهڙين غلطين بابت ٻڌايو آهي، جيڪي اسان جي اکين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون، اچو ته ڄاڻون اهي غلطيون ڪهڙيون آهن.
اکيون ڌوئڻ لاءِ گرم پاڻي جو استعمال
سيارو ايندي ئي اڪثر ماڻهو پنهنجو منهن گرم پاڻي سان ڌوئڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو اکين ۾ به لڳندو آهي ۽ اهو اکين جي صحت لاءِ ٺيڪ ناهي، ماهرن موجب اکين کي ڪمري جي گرمي پد جي پاڻي يا ٿڌي پاڻي سان ڌوئڻ ضروري آهي.
هر هر اکيون نه ڇنڀڻ
توهان ڏٺو هوندو ته ڪيترائي ماڻهو تڪڙي تڪڙي اکيون ناهن ڇنڀيندا، حقيقت ۾ اکيون ڇنڀڻ هڪ قدرتي جسماني عمل آهي، جيڪو اکين کي تندرست رکي ٿو ۽ ان کي گهڻو ڪثرت سان ڪرڻ گهرجي.
اکيون مهٽڻ
اکين ۾ هڪ تمام سنهڙو تَهه هوندو آهي، جيڪو انهن جي حفاظت ڪندو آهي، مهٽڻ بدران اکيون ٿڌي پاڻي سان ڌوئڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.