پاڪستان کي شڪست ڏئي ڏکڻ آفريقا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي شڪست ڏئي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڏکڻ آفريقا سنچورين ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف ڪاميابي ماڻي انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
پروٽيز کي چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ هڪ ڪاميابي گهربل هئي، ڏکڻ آفريقي ٽيم جي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
ايندڙ سال جون ۾ لارڊز ۾ کيڏي ويندڙ فائنل ۾ پروٽيز جو مقابلو امڪاني طور آسٽريليا يا ڀارت سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.