اسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ بي رحماڻو رويو اختيار ڪرڻو پوندو: شان مسعود

سنچورين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته مون کي پنهنجي ٽيم جي ڪوششن تي فخر آهي پر اسان کي اڳتي وڌندي بي رحماڻو رويو اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن ٽاپ ٽيمن سان مقابلو ڪري سگهون.
سنچورين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته ٽيم هن ڪنڊيشنز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پر فيصلائتي لمحن ۾ ڪجهه غلطيون ڪيون، جن تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.
هن چيو ته ميچ تي اسان جي پڪڙ هئي پر ٻه ڀيرا 8 وڪيٽن تي پهچائڻ باوجود اسان موقعو وڃائي ڇڏيو، اسان ٿورو وڌيڪ اسڪور ڪيون ها ته هدف مضبوط هجي ها.
سندس چوڻ هو ته سکڻ تي يقين رکون ٿا، اسان کي ساڳيون غلطيون نه ڪرڻيون پونديون، اسان کي موقعن مان فائدو وٺڻو پوندو ۽ فيصلائتي لمحن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.