اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل جو پيءُ نادر خان لاڏاڻو ڪري ويو.
مرحوم جي جنازي نماز پشاور ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي عمر گل جي پيءَ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته عمر گل 16 آڪٽوبر 2020 ۾ هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، هن 47 ٽيسٽ، 130 ون ڊي ۽ 60 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.