ڏکڻ ڪوريا ۾ مسافر جهاز سان حادثو، 179 ڄڻا اجل جو شڪار

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي موان ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران مسافر جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن ۾ 179 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز حادثو لينڊنگ گيئر ۾ خرابي سبب پيش آيو، جهاز رن تي تي لهڻ کانپوءِ ڀر ۾ لڳل ڪنڊيدار تار سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب جهاز ۾ باهه لڳي وئي.
حادثو موان ايئرپورٽ تي پيش آيو، جيڪو ڏکڻ ڪوريا جو هڪ اهم ۽ مصروف هوائي اڏو آهي.
رپورٽ موجب حادثي جو شڪار مسافر جهاز ٿائلينڊ جي شهر بنڪاڪ کان واپس اچي رهيو هو، جهاز ۾ 175 مسافر ۽ عملي جا 6 ميمبر سوار هئا، جن مان رڳو ٻه بچي سگهيا.
اختيارين حادثي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، شروعاتي رپورٽ ۾ لينڊنگ گيئر ۾ خرابي کي حادثي جو امڪاني سبب قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.