اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 2024 تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل گزٽ نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر جي صحيحن کانپوءِ ديني مدرسن جي رجسٽريشن جو بل قانون بڻجي ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان موجب ديني مدرسن جي رجسٽريشن جو معاملو ڳالهه ٻولهه سان حل ڪيو ويو، قانون تحت ديني مدرسن جي رجسٽريشن سوسائٽي ايڪٽ موجب ٿيندي.
واضح رهي ته ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري کيس ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي هئي.
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ تي اعتراض لڳائي ان کي واپس موڪلي ڇڏيو هو، جنهن تي جي يو آءِ تنقيد ڪندي احتجاج جي ڌمڪي ڏني هئي.
You might also like