لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين 11 مهينن ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ پيسا موڪلي سول نافرماني جو سڏ رد ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته هاڻ سمنڊ پار پاڪستاني ڪوڙن ۽ فراڊين جي ڏٽي ۾ نه ايندا، 9 مئي جي جوابدارن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي، اهي ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.
هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن، انهن جا ٿورا مڃون ٿا، جيڪي معيشت مضبوط ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، حڪومت مبارڪباد جي حقدار آهي.
You might also like