” ڪڏهن ته بادشاهه هئاسين“ ڪوهلي لاءِ آسٽريليا جو دورو ڀوائتو خواب بڻجي ويو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي لاءِ آسٽريليا جو دورو ڀوائتو خواب بڻجي ويو.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ کان اڳ ويرات ڪوهلي ايئرپورٽ مقامي عورت صحافڻ ۽ ڪئمرا مين سان اٽڪي پيو هو، جڏهن ته ميچ دوران هو ڊيبيو ڪندڙ نوجوان آسٽريلوي بيٽر سيم ڪونسٽاس سان وچڙي پيو.
ميچ ريفري ڪوهلي جي اهڙي رويي جو نوٽيس وٺندي مٿس ميچ فيس جو ويهه سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪندي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ ڏني هئي.
ان واقعي جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ميڊيا ۽ اخبارن ڪوهلي کي مسخرو قرار ڏنو، جنهن تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو.
اڃا اِهو معاملو ٺريو ئي نه هو اسٽار بيٽر رڳو 36 رنسون ٺاهي وڪيٽ وڃائي ويٺو ۽ پويلين ويندي هڪ مداح سان منهن ماري ڪئي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ڪوهلي جي اتي موجود مداح سان ڏند چڪي جنهن بعد سييڪورٽي گارڊ معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا واهپيدارن اڳوڻي ڀارتي ڪپتان کي ٽرول ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.