جعلسازي سان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪندڙ ٽي بنگالي عورتون گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جعلي طريقي سان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪندڙ 3 عورتن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي جي گلشن اقبال ۾ هڪ ڪارروائي دوران ٽي مفرور عورتون گرفتار ڪيون ويون آهن، جن تي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جعلسازي سان حاصل ڪرڻ جو الزام آهي.
گرفتار عورتن عائشا ناز، حنا ناز ۽ افشان ناز جو تعلق بنگلاديش سان آهي ۽ اهي ايف آءِ اي کي 2022 کان گهربل هيون، انهن عورتن پرڏيهي هجڻ باوجود پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيا هئا ۽ شروعاتي جاچ موجب انهن جعلسازي سان قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيا.
ايف آءِ اي موجب عورتن ايجنٽ جي مدد سان جعلي دستاويزن جي بنياد تي برٿ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ جعلي دستاويزن جي مدد سان انهن سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيا.
ايف آءِ اي چيو آهي ته جوابدار عورتن جي سهولتڪاري ۾ ملوث عنصرن خلاف به جاچ کي وڌايو ويو آهي ۽ عورتن کان پڇا ڳاڇا دوران نادرا اهلڪارن جي ملوث هجڻ جو پتو پڻ لڳايو ويندو ۽ سندن نشاندهي تي وڌيڪ گرفتاريون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.