شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت  پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي نالي وانگر بينظير ۽ پاڪستان جي عظيم شخصيت آهي. هن چيو ته شهيد راڻي جي قرباني سبب اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت آهي، شهيد راڻي ٻن آمرن کي پڄاڻي تائين پهچايو ۽ ڏکين حالتن ۾ به عوام سان گڏ بيٺي رهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي والد ۽ ڀائرن وانگر مقصد کان پوئتي نه هٽي. هن وڌيڪ چيو ته اها چئني صوبن جي زنجير هئي، زنجير ٽوڙي ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي بينظير جو پاڪستان بچايو. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اسين سڀ گڏجي پاڪستان کي مسئلن مان نجات ڏيارينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.