شهيد بينظير هڪ نه پر ٽن ڊڪٽيٽرن سان مقابلو ڪيو :سسئي پليجو

نئون ديرو/ٺٽو(نمائندن وٽان ) اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي تقريب ۾ شرڪت  ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شهيد راڻي کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. شهيد ڪڏهن مرندا ناهن شهيد راڻي توهان ۽ اسان جي اڳواڻ ته هئي پر هڪ ماءُ، هڪ ڌيءُ ۽ هڪ بهادر اڳواڻ هئي هن جو غم ڪڏهن به وسرڻ جهڙو ناهي هوءَ هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندي. هُن ملڪ جي بهتري لاءِ سوچيو ۽ محفوظ مستقبل لاءِ سوچيندين پنهنجي جان داءُ تي لڳائي پنهنجي جان قربان ڪري هميشه لاءِ امر ٿي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا جمهوريت آهي ان کان به وڌيڪ جمهوريت بهتر ٿيندي وڃي ۽ جيڪي آئيني تقاضائون آهن اهي سڀ پوريون ٿين ته جيئن ماڻهون سمجهن ته اسان جي جن شهيدن پنهنجن جانين جا نظرانه ڏنا  اها ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي ۽ اهي سڀ قربانيون سنڌ مان ڏنيون ويون آهن. اسان جي ڪارڪنن کي اها ريئلائيزيشن آهي مان سمجهان ٿي سنڌ پاڪستان سان وفا ڪئي آهي  پاڪستان جي بهتر مستقبل، دفاع ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. دهشتگردي اڄ به بلا وانگر منهن ڪڍي بيٺي آهي. شهيد بيبي نه صرف پاڪستان پر دنيا جي اڳواڻ هئي روالپنڊي ۾ جنگ جو ميدان هيو. شهيد بيبي صرف هڪ ڊڪٽير سان نه پر ٽن ڊڪٽيرن سان مقابلو ڪيو اها ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي. پنجاب جون جيڪي سياسي پارٽيون آهن اهي دعوايٰ ڪن ٿيون اهي پاڪستان جون وڏيون پارٽيون آهن پر ڪو دٻاءُ ڏسن ٿيون ته گهٻرائي ٿيون وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.