ميلبورن (ويب ڊيسڪ ) باڪسنگ ڊي ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي آسٽريليا جي پِچ فڪسنگ جو الزام لڳي ويو.
ڀارتي ميڊيا طرفان الزام لڳايو پيو وڃي ٿو ته ٽيسٽ جي تياري لاءِ ڀارت کي پراڻيون ۽ بِگ بيش ليگ ۾ استعمال ٿيل پچ ڏني وئي آهي، جنهن سبب بيٽرز کي ٽريننگ ۾ ڏکيائيون پيش رهيون آهن.
ٻئي پاسي آسٽريليا کي پريڪٽس لاءِ تازي پچ ڏني وئي، جتي بهتر بائونس سبب ميزبان ڪرڪيٽرز پنهنجا شاٽس کيڏي رهيا آهن.
ان حوالي سان ايم سي جي پِچ ڪيوريٽر ميٽ پيگ اڳ ۾ وضاحت ڪري چڪو آهي ته تازيون پِچون رڳو ٽيسٽ ميچ جي شروعات کان 3 ڏينهن اڳ دستياب هونديون آهن.
هڪ ڏينهن اڳ استعمال ٿيل پِچ تي پريڪٽس ڪرڻ سبب آڪاش ديپ جوبال لو رهيو جيڪو روهت شرما جي کاٻي گوڏي تي لڳو، پرهوانجري کان بچي ويو.
گذريل ڏينهن ميڊيا ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ۾ اهڙيون ڳالهيون معمول جو حصو آهن، جيڪي وڌيڪ پريشاني جو سبب نه بڻجنديون آهن.
هن چيوته جڏهن کائنس پِچ بابت سوال ڪيو ويو ته روهت شرما چيو ته اسان کي رڳو اڄوڪي ڏينهن لاءِ پريڪٽس ڪرڻ لاءِ تازي پچ ملي، ڏسئون ته ان تي ٽريننگ ڪيئن رهي ٿي، اسان ان جي لحاظ سان پريڪٽس ڪنداسين.
Prev Post
You might also like