بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پاڪستان ليڊرليس آهي: ناهيد خان

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي ۽ سندس گهرواري ناهيد خان ڳڙهي خدا بخش ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پاڪستان ليڊرليس آهي، محترمه پنهنجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ بنا عوام جي خدمت ڪئي.
هن چيو ته محترمه دهشتگردي خلاف آواز اٿاريو، هن عوام جي اميدن کي جاڳايو، جڏهن ته هاڻ ڪير ٻئي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بينظير ڀٽو جي شهادت سان ملڪ کي جيڪو نقصان ٿيو، ان جو ازالو نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.