نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي ضلعي ننديال ۾ پٽ طرفان شادي کان انڪار ۽ کدڙي فقير سان شادي جي ضد تي سندس والدين آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 24 ورهين جو سنيل ڪمار گذريل ٽن سالن کان ٽرانسجينڊر ڪميونٽي سان رابطي ۾ هو، هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪندي هڪ کدڙي فقري سان گڏ رهڻ تي اصرار ڪيو، جنهن سبب والدين جو ان سان جهيڙو ٿيو.
پوليس موجب جهيڙي سبب سنيل ڪمار آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن سبب سندس والدين سخت پريشان هئا.
جاچ ۾ خبر پئي ته سنيل ڪمار ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کان ڏيڍ لک رپيا به ورتا هئا، جنهن جي ادائيگ لاءِ سندس والدين کان مطالبو ڪيو ويو ۽ ٻئي دٻاءَ جو شڪار هئا، جنهن کانپوءِ مجبور ٿي 45 ورهين جي سبار يادو ۽ سندس زال 38 ورهين جي سرسوتي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
You might also like