عورتن لاءِ راولپنڊي، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ الڳ جيل ٺاهڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جيل ۾ بنيادي حقن بابت درخواستن تي لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس عابد عزيز شيخ 26 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عورتن لاءِ لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد ۾ الڳ جيل قائم ڪرڻ ۽ بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
لکت فيصلي ۾ قيدين کي مهذب شهري بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.
لکت فيصلي ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته راولپنڊي جيل ۾ اسلام آباد جي حدن جي 3 هزار 200 جوابدار قيد آهن، تنهنڪري اسلام آباد ۾ جيل جي قيام سان راولپنڊي جيل ۾ رش گهٽائي سگهجي ٿي.
لکت فيصلي ۾ جيل جي ملازمن کي قيدين سان بهتر انداز ۾ پيش اچڻ جي تربيت ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.
فيصلي ۾ ذهني مرض ۾ مبتلا قيدين کي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ منتقل ڪرڻ ۽ اتي ذهني بيمارين ۾ مبتلا قيدين لاءِ الڳ وارڊ تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
لکت فيصلي ۾ پنجاب حڪومت کي پروبيشن آفيسرن جي تربيت تي ڪم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.