سنڌ سرڪار نوجوانن لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪري

تحرير: منظور کوسو

پاڪستان ۾ پهرين آدمشماري 1951 ۾ ۽ ستين آدمشماري 2023 ۾ ٿي گذري . سرڪاري انگن اکرن جنهن موجب ٽوٽل آبادي 24 ڪروڙ14 لک 99 هزار 431 آهي ۽ آبادي ۾ سالياني اضافي جي شرح 2.55 ٺهي ٿي ۽ نوجوانن جي آبادي ۾ اضافي جو تناسب 2.7 في سيڪڙو آهي. هن کان اڳ 2017 ۾ آبادي 20 ڪروڙ 76 لک  84 هزار 626 هئي. هن حساب سان ڏسجي ته هن وقت پاڻ ضرور 25 ڪروڙن جي آس پاس آهيون .

ملڪ جي ٽوٽل آبادي جو 64 في سيڪڙو جي عمر 30 سالن کان به گهٽ آهي اهڙيريت اسان youth population  جي لحاظ کان دنيا جي پهرئين نمبر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان کانپوءِ ٻئين نمبر تي آهيون. ايتري نوجوانن جي طاقت هجڻ سان ته اسان کي اڄ خطي ۾ هڪ مضبوط معيشت سان پهرئين نمبر تي هجڻ کپندو هو پر ايئن نه آهي. اسان جو نوجوان هر طرح کان پريشان ۽ بيروزگار آهي ملڪي معيشت جي ترقي ۾ هن جو حصو ته پنهنجي جاءِ تي پر هن جي بيروزگاري معيشت تي پڻ بار بڻيل آهي. جڏهن ته حڪومت وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جي طاقت نه ٿي رکي ۽ ڏينهون ڏينهن ان عمل کي مختصر ڪرڻ لاءِ نت نوان منصوبا پئي جوڙي ڪٿي کاتا ضم ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ ڪڏهن وري پنشن جا نوان فارمولا تيار ڪيا پيا وڃن. ايئن کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته حڪومت ملڪي ترقي ۾ نوجوانن کي چڱي ريت ڪم آڻي نه سگهي آهي ۽ اسان جو  نوجوان طبقو ضايع پيو ٿئي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي نوجوانن ۾ بيروزگاري بابت گذريل سال جي هڪ رپورٽ موجب ملڪ ۾ 31 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان بيروزگار آهن جنهن ۾ 51 سيڪڙو تعداد عورتن جو آهي ۽ حيرت جي ڳالھه اها آهي ته انهن ۾ اڪثريت اهڙن نوجوانن جي آهي جن وٽ پروفيشنل ڊگريون به آهن. هن رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي. مختلف پاليسين ۽ اعلانن جي باوجود نوجوانن کي روزگار جي ڏس ۾ ڪو خاطرخواه فائدو ڪين پهتو آهي. ليبرفورس ۾ نوجوانن جي بيروزگاري جي شرح اڄ به سڀ کان وڌيڪ آهي. حڪومت جڏهن نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري نه ٿي سگهي ته پوءِ ان جا هي نتيجا نڪرن ٿا ته گذريل پنجن سالن کان ملڪ جا تقريبن 2.75 ملين نوجوان جيڪي طب ،انجنيئرنگ ۽ اڪائونٽس سميت ٻين پروفيشنس سان تعلق رکن ٿا سي پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن.

آرٽيفيشل انٽيليجنس اچڻ سان ليبرفورس جو تعداد اڃان گهٽجندو وڌندو ڪين يعني بيروزگاري وڌندي انهن شين سان منهن ڏيڻ ۽ بيروزگاري گهٽائڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪا ٺوس پاليسي نه آهي. هر سال يونيورسٽين مان سوين نوجوان جا ڊگريون وٺي نڪرن ٿا ۽ اهڙي ريت بيروزگار نوجوانن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو وڃي ٿو. وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته نوجوانن کي اها تعليم ڏني وڃي جنهن جي مارڪيٽ ۾ ضرورت هجي جيئن درسگاهن مان نڪرڻ کانپوءِ نوجوان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن نه ئي بيروزگارن جي فوج ۾ اضافي جو سبب بڻجن.

معاشي حالتن، ملڪي معيشت ۽ ضرورتن کي آڏو رکي نوان نصاب ترتيب ڏنا وڃن جيئن درسگاهن مان نڪرڻ کانپوءِ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ملڪ ۾ سوين ووڪيشنل اسڪول آهن جيڪڏهن آئون سنڌ جو ذڪر ڪيان ته انهن مان اڪثر ادارا لاڀ بڻيل آهن جن جي ڪارڪردگي ڪاغذي ڪاررواين کان سواءِ ٻي ڪانهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ووڪيشنل تعليمي ادارن کي فعال بڻائي نوجوانن کي مارڪيٽ جي گهرجن پٽاندڙ فن ۽ هنر سيکاريا وڃن جيئن هو انهن شين کي مارڪيٽ ۾ آڻي پنهنجي روزگار سان گڏ ملڪي معيشت ۾ به واڌاري جو سبب بڻجن. اهڙيريت طب، انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر وغيره جا ڪافي شعبا آهن جن جي ضرورت آهي ان تعليم کي عام ڪيو وڃي. هتي مون کي 80 وارو ڏهاڪو ياد ٿو اچي ته هاءِ اسڪولن ۾ ورڪشاپ انسٽرڪٽر ڀرتي ڪيا ويا هئا (جيڪي اڄ به آهن)۔ هاءِ اسڪولن ۾ مڊل سطح تائين  اليڪٽرڪ سٽي، ايگريڪلچر، ڪاٺي جو ڪم ۽ مئٽرڪ کانپوءِ ڪاليجن ۾ ٽائيپنگ ۽ شارٽ هينڊ جهڙا هنر سيکاريا ويندا هئا.

تعليم کاتو، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام ۽ ان قسم جا ٻيا هنري ادارا ڪافي حد تائين فقط ڪاغذي رهيا آهن، ڪافي بجيٽ ۽ فنڊس خرچ ڪرڻ کانپوءِ انهن ڪهڙا نتيجا ڏنا آهن، انهن ڪيترا هنرمند تيار ڪيا ۽ هن وقت هو ڇا پيا ڪن، بيروزگاري ۾ انهن ڪيتري گهٽتائي آندي؟ڪي انگ اکر ناهن فقط پئسو ضايع پيو ٿئي. جيڪڏهن ادارن جو ڪردار فعال ۽ خلوص وارو هجي ها ته اڄ اسان جو نوجوان نوڪرين جي لاءِ دربدر نه هجي ها ۽ نه ئي کيس ڇولا کپائڻ جا ڏس ڏنا وڃن ها. هاڻي به وقت ويو ناهي جيڪو نقصان ٿيو سو ٿي گذريو آئنده نقصان کان بچڻ لاءِ ۽ نوجوانن کي وقت جي ضرورت موجب هنرمند بنائڻ لاءِ نيون پاليسيون ۽ نوان نصاب جوڙيا وڃن. تعليم ۽ هنر کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جي ضرورت آهي.

تعليم کاتو، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام ۽ ان قسم جا ٻيا هنري ادارا ڪافي حد تائين فقط ڪاغذي رهيا آهن، ڪافي بجيٽ ۽ فنڊس خرچ ڪرڻ کانپوءِ انهن ڪهڙا نتيجا ڏنا آهن، انهن ڪيترا هنرمند تيار ڪيا ۽ هن وقت هو ڇا پيا ڪن، بيروزگاري ۾ انهن ڪيتري گهٽتائي آندي؟ڪي انگ اکر ناهن فقط پئسو ضايع پيو ٿئي. جيڪڏهن ادارن جو ڪردار فعال ۽ خلوص وارو هجي ها ته اڄ اسان جو نوجوان نوڪرين جي لاءِ دربدر نه هجي ها ۽ نه ئي کيس ڇولا کپائڻ جا ڏس ڏنا وڃن ها. هاڻي به وقت ويو ناهي جيڪو نقصان ٿيو سو ٿي گذريو آئنده نقصان کان بچڻ لاءِ ۽ نوجوانن کي وقت جي ضرورت موجب هنرمند بنائڻ لاءِ نيون پاليسيون ۽ نوان نصاب جوڙيا وڃن. تعليم ۽ هنر کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جي ضرورت آهي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.