گوگل پنهنجي موبائل پيمنٽ سسٽم ”گوگل والٽ“ (جنهن کي گوگل پي جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو) پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
رپورٽن موجب، گوگل والٽ جنوري 2025ع ۾ پاڪستان ۾ لانچ ڪيو ويندو، جيڪو ڊجيٽل ڏيتي ليتي جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو.
گوگل پنهنجي ڊيولپر پيج تي اعلان ڪندي ٻڌايو آهي ته گوگل والٽ کي پاڪستان سميت 16 ملڪن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هن اعلان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته مصر، پاڪستان ۽ وينزويلا ۾ هي سروس جنوري 2025ع ۾ دستياب ٿي ويندي.
گوگل والٽ ڇا آهي؟
گوگل والٽ 2011ع ۾ لانچ ڪيو ويو هو. اهو هڪ ڊجيٽل والٽ آهي جيڪو واهپيدارن کي سندن ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ جي تفصيلون محفوظ طريقي سان اسٽور ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته صارف پنهنجن اينڊرائيڊ فونز ذريعي سڌي ريت ادائيگيون به ڪري سگهن ٿا.
ان کانسواءِ، بورڊنگ پاس، ايونٽ ٽڪيٽون، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون گوگل والٽ ۾ محفوظ ڪري سگهجن ٿيون.
جن شين کي اوهان پنهنجي روايتي ٻٽونءَ ۾ رکندا آهيو، اهي سڀ گوگل والٽ ۾ محفوظ ڪري سگھجن ٿيون.
هن سروس کي استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل والٽ ايپ انسٽال ڪرڻي پوندي.
ايپ انسٽال ڪرڻ کانپوءِ، گوگل اڪائونٽ تي لاگ ان ٿي ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ جا تفصيل شامل ڪرڻا پوندا.
جيئن ئي اوهان پنهنجو پهريون ڪارڊ اڪائونٽ ۾ شامل ڪندا، اوهان گوگل والٽ ذريعي اسٽورز تي موبائل پيمنٽس ڪري سگھندا.
سروس جي سيڪيورٽي ڪيتري مضبوط آهي؟
گوگل والٽ روايتي ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهي.
هن ذريعي ٿيندڙ ادائيگيون انڪرپٽڊ هونديون آهن، يعني هر خريداري لاءِ هڪ منفرد ڪوڊ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو پيمنٽ انفارميشن کي محفوظ بڻائي ٿو.
جيڪڏهن ڪو ان ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪري به وٺي، تڏهن به ان کي ڪا فائديمند معلومات نه ملي سگهندي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ جا تفصيل شامل نه هوندا.
هي سروس واهپيدارن کي سمارٽ فون ذريعي ڪنٽيڪٽ ليس پيمنٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جنهن سان سندن ڪارڊ وڃائڻ يا چوري ٿيڻ جو خطرو به ختم ٿي وڃي ٿو.
You might also like