گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ)گڏاپ ڀرسان صالح محمد ڳوٺ مان 4 ڏينهن کان گم 18 ورهين جو نوجوان عبدالسلام پٽ صالح محمد نوحاڻي جو لال محمد باغ جي کوھه مان لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته نوجوان جي موت جي خبر پوڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
وارثن ٻڌايو ته چئن ڏينهن کان گم نوجوان جي ڳولا ڪري رهيا هئاسين ته کوھه مان لاش مليو آهي، پوليس موجب نوجوان جو لاش مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like