واٽس ايپ هڪ نئون بهترين فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن سان دستاويزن کي شيئر ڪرڻ وارو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
رپورٽن موجب، هاڻي واهپيدار سولائيءَ سان دستاويزن کي ايپ جي اندر ئي اسڪين ڪري سگهندا، جنهن لاءِ ڪنهن به اسڪيننگ ٽول يا ايپ جي ضرورت نه پوندي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هي نئون فيچر واٽس ايپ جي آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ في الحال محدود ماڻهن لاءِ موجود آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان فيچر کي دستاويزن جي شيئرنگ مينيو جو حصو بڻايو ويو آهي.
هن نئين واڌاري سان واهپيدار پنهنجي ڊيوائس جي ڪيمرا ذريعي ڪنهن به دستاويز کي اسڪين ڪري سگھندا ۽ ان کي انفرادي يا گروپ چيٽ ۾ موڪلي سگھندا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن واهپيدار طرفان دستاويز شيئرنگ مينيو کوليو ويندو، ته کيس ”اسڪين” جو آپشن نظر ايندو. ان آپشن کي سليڪٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪيمرا فعال ٿي ويندو ۽ دستاويز کي اسڪين ڪري سگهبو.
اسڪين ڪرڻ کانپوءِ واهپيدار ان پريويُو ڏسي سگھندا ۽ پنهنجي ضرورت موجب ان ۾ تبديليون آڻي سگھندا. ايپ پاڻمرادو مارجن تجويز ڪندي، پر واهپيدار ان کي پنهنجي پسند موجب ترتيب ڏئي سگھندا.
جڏهن صارف اسڪين مان مطمئن ٿي ويندو، ته هو ان دستاويز کي شيئر ڪري سگھندو.
رپورٽ موجب، واٽس ايپ هن فيچر ۾ اسڪيننگ جو معيار بهتر بڻايو آهي، جنهن سان دستاويزن کي سولائي سان پڙهڻ ممڪن ٿيندو.
جيئن ته مٿي لکي چڪا آهيون ته هن وقت هي فيچر رڳو بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، تنهن ڪري اهو ڪڏهن سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو، ان بابت ڪا واضح ڄاڻ نه آهي.
You might also like