سج جي انتهائي ويجهو پهچڻ جي ڪوشش، ماهرن جي بيچني وڌائي ڇڏي

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته انسانن جِي تيار ڪيل سڀ کان تيز رفتار شئي ڪهڙي آهي؟
جيڪڏهن نه ته ڄاڻي وٺو ته آمريڪي خلائي اداري ناسا طرفان تيار ڪيل ” پارڪو سولر پروپ “ انساني تاريخ جي تيز ترين سواري آهي.
ان انسانن جي تيار ڪيل تيز ترين شئي جو رڪارڊ چار لک 30 هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري قائم ڪيو آهي.
ان کان اڳ به اِهو رڪارڊ پارڪو سولر پروب وٽ ئي هو جيڪو ان ڪجهه عرصو اڳ ٽي لک 97 هزار 736 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري قائم ڪيو هو.
پارڪو پروب نئون رڪارڊ سج جي بنهه ويجهو ويندي ٺاهيو آهي.
سج جي حرارت کان بچاءُ فراهم ڪندڙ شيلڊ سان ليس اِها مشن سج جي سطح جي 38 لک ميل فاصلي تائين پهتو.
ناسا جو اِهو خلائي جهاز سج جي انتهائي ويجهو پهچي تاريخ رقم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سج جي ويجهو سخت موسمي حالتن ۽ گرمي پد سبب خلائي جهاز گذريل ڪيئي ڏينهن کان ڌرتي سان رابطو به ناهي ڪري سگهيو ۽ في الحال سائنسدان ان مشن طرفان ملندڙ سگنل جا منتظر آهن.
سائنسي ماهر پراميد آهن ته 27 ڊسمبر تائين خلائي جهاز جا سگنل ملي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ پتو پئجي سگهندو ته سج حقيقت ۾ ڪيئن ڪم ڪندو آهي.
ان ڏس ۾ ناسا هيڊ آف سائنس ڊاڪٽر نڪولا فوڪس جو چوڻ آهي ته ” ماڻهو صدين کان سج بابت پڙهي رهيا آهن پر اوهان ڪنهن ماحول جي اصل مشاهدو تيستائين نٿا ڪري سگهو جيستائين اوهان اتي پاڻ نه ٿا وڃو. “
هن چيو ته ” پارڪو سولر پروب “ سال 2018ع ۾ لانچ ڪيو ويو هو ۽ تڏهن کان اِهو اسان جي شمسي نظام جي مرڪز ڏانهن وڌي رهيو هي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.