واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ايلچي رچرڊ گرينل چيو آهي ته نامزد پرڏيهي وزير پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي ڳالهائڻ جي تياري ڪئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران نامزد ڪيل رچرڊ گرينل اهو انڪشاف هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايٽمي صلاحيت رکڻ وارن ملڪن سان معاهدو مختلف انداز ۾ ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان جي اڳوڻي حڪومت بابت سوال تي رچرڊ گرينل چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرئين مدي ۾ پاڪستان جي ان وقت جي حڪومت سان بهتر لاڳاپا هئا.
عمران خان بابت رچرڊ گرينل چيو ته پاڪستان ۾ قيد اڳوڻو وزيراعظم پڻ ڊونلڊ ٽرمپ جيان سياست ۾ موروثي طور تي نه آيو هو.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم تي اهي ئي الزام آهن، جيڪي ٽرمپ تي هئا.
ياد رهي ته آمريڪا ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائلن جي تياري جو الزام هڻندي پاڪستان جي 4 ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.
نامزد پرڏيهي وزير پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي ڳالهائڻ جي تياري ڪئي آهي: آمريڪي ايلچي
Prev Post
You might also like