شڪارپور: ڳڙهي تيغي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ڀرسان ڳڙهي تيغي ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا.
پوليس موجب اهلڪار هوٽل تي ويٺا هئا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته فائرنگ کانپوءِ ڌاڙيل فرار ٿي ويا.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته مارجي ويل پوليس اهلڪار هوٽل تي چانهه پي رهيا هئا ته کين نشانو بڻايو ويو، مارجي ويل اهلڪارن جي سڃاڻپ الطاف ڪلادي ۽ نظام بروهي طور ٿي آهي.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.