اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته آمريڪا سميت ڪنهن به ملڪ جي مدد جا خواهشمند ناهيون.
بيرسٽر گوهر نامزد آمريڪي خاص نمائندي رچرڊ گرينل جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب ٿيندي، تحريڪ انصاف ڪنهن به ملڪ جي مدد جي خواهشمند ناهي، باني پي ٽي آءِ جي آزادي عدالتن ذريعي ٿيڻي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن ملڪ کان درخواست نه ڪندي ۽ نه ئي ڪنهن کان اميد رکون ٿا، اسان انهن سڀني ماڻهن جا ٿورائات آهيون، جيڪي پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
Next Post
You might also like