مان سڀني جي وزيراعليٰ آهيان: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ڪير ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندو هجي، مان سڀني جي وزيراعليٰ آهيان.
مريم نواز لاهور ۾ ڪرسمس جي خاص تقريب ۾ خطاب ڪندي جنوري ۾ اقليتن جو ڪارڊ لانچ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
هن چيو ته سڄو ڌيان هڪ اهڙو معاشرو ٺاهڻ تي آهي، جتي توهان کي اهو ڊپ نه هجي ته ڪو توهان کي ماريندو يا توهان جو گهر ساڙيندو.
سندس چوڻ هو ته عيسائي برادري پاڪستان لاءِ وڏي خدمت ڪري رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اقليتن جو ڪارڊ شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن منهنجو وس هلي ته اقليتن جي بجيٽ 5 هزار سيڪڙو وڌائي ڇڏيان.
مريم نواز ڪرسمس جو خاص ڪيڪ ڪاٽيو ۽ عيسائي برادري کي مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.