ڪيارا آڏواڻي سان ” اڻ وڻندڙ حرڪت“ ورون ڌون خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون عاليا ڀٽ ۽ ڪيارا آڏواڻي سان اڻ وڻندڙ رويي جي الزامن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ويجهڙائي ۾ ورون ڌون جي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن کيس ڪيارا آڏواڻي جي ڳٽي تي چُمي ڏيندي ۽ عاليا ڀٽ جي پيٽ کي ڇُهندي نظر آيو، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو.
ورون ڌون هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي چيوته سندس رويي کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو، ڇيڙڇاڙ جيڪڏهن خوشڪگار ۽ سٺي ماحول ۾ آهي، پوءِ مرد هجي يا عورت ته اِهو تفريح جو حصو آهي.
اداڪار چيو هو پنهنجي مرد اداڪارن سان به ڀوڳ مذاق ڪندو رهندو آهي، ڪيارا آڏواڻي سان پيش آيل واقعي تي ڳالهائيندي ورون چيو ته اِهو سڀ اڳواٽ طئي ٿيل هو.
هن چيو ته اِها وڊيو هڪ ڊجيٽل ڪور لاءِ رڪارڊ ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ هنن کي ڪجهه حرڪت ۽ ايڪشن ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو هو.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيوته ڪيارا آڏواڻي هڪ باصلاحيت اداڪارا آهي ۽ سندس ردعمل به حڪمت عملي جو حصو هو.
اِهو تڪرار اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن ورون ڌون جي نئين فلم ” بيبي جون “ سڄي دنيا ۾ رليز ٿي چڪي آهي، ايڪشن سان ڀرپور فلم جي هدايتڪاري ڪليس ڏني آهي ۽ جڏهن ته ايٽلي ان جو پروڊيوسر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.