پاڪ فوج سدائين دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ فوج سدائين دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته دشمن نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اسان متحد ٿي ملڪ کي ترقي يافتا بڻائي سگهون ٿا.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل سان ليس ڪيو، اسان کي سيڪيورٽي فورسز ۽ جمهوريت جي شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته صدر زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.