زَالن کي خوش ڪيو، ماهرن جو مڙسن لاءِ وڏو انڪشاف

شادي ته هر زندگيءَ جو حصو آهي، مختلف سماجن ۽ مذهبن ۾ انکي مختلف طريقن سان اختيار ڪيو ويندو آهي جيڪو هر خطي ۽ سماج جي سڃاڻ يا ريتن رسمن جي ڪري ٿئي ٿو، پر زال مڙس جو رشتو هر هنڌ ساڳيو ئي رهندو آهي جنهن ۾ گهٽ وڌائي، ٻنهي ۾ محبت سان گڏ منهن ماري جا قصا عام ڳالهه هوندي آهي.

زال مڙس جي رشتي بابت مختلف سرويز ڪرائجن يا شادي شده جوڙن جي زندگين تي ذاتي تجربا ڪجن يا وري اسڪرين تي هلندڙ ڪنهن به قسم جي پروگرام ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه يا سوالن جو جائزو وٺجي ته مڙسن جي اڪثريت گهروارين جي ماتحت هوندي آهي، وڏا وڏا نالا به گهروارين جي اڳيان جي جي ڪندي نظر ايندا آهن، مڙسن کي ڪاوڙ ڪرڻ ضرورت ناهي پنجئي آڱريون برابر ناهن هونديون وانگر ڪٿي مڙسن جو به زالن تي رعب هلندو هوندو پر ڳالهه اڪثريت جي ڪجي ته زال جي هڪ رهڙ اٺ جيڏي همراهه جا به پگهر ڪڍي ڇڏيندي آهي.

ان سان گڏ گهرواري ۽ مڙس ۾ جسماني لاڳاپن جو به ٻنهي تي وڏو اثر پوندو آهي، جنهن سان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ سميت مختلف بيمارين مان محفوظ ٿيڻ به شامل آهن.

جيڪڏهن زال ۽ مڙس ۾ ڪي وچڙندڙ بيماريون ناهن ته انهن جو ميلاپ هڪٻئي لاءِ ذهني توڙي جسماني صحت لاءِ پڻ فائديمند هوندو آهي. جن کي ڏسندي ماهرن هڪ تحقيق ۾ وڏو انڪشاف ڪيو آهي.

زال مڙس جي رشتي تي ٿيل هڪ تحقيق ۾ حيران ڪندڙ نتيجا آيا آهن.

آمريڪا جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته گهرواري کي هر وقت خوش رکندڙ ماڻهن جي عمر ۾ واڌ ٿيندي آهي ۽ انهن کي ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي.

اهڙي دلچسپ انڪشاف کانپوءِ زال جي ماهرن مڙسن لاءِ زال جي ٽِنڊواليءَ جا دَر اڃا به کولي ڇڏيا آهن.

ماهرن چيو آهي ته گهرواري کي هر لحاظ کان مطمئن ۽ خوش رکڻ وارا ماڻهو جذباتي طور تي مستحڪم هوندا آهن ۽ انهن جي جسم ۾ ڪارٽيسول نالي هارمون جي سطح گهٽجي ويندي آهي. جيڪو هارمون ذهني دٻاءُ جو سبب هجي ٿو.

تحقيق دوران ڇاونجاهه کان ستاسي سالن جي عمر جي ٽي سئو ايڪويهه ماڻهن تي ٿيل ٽن تحقيقن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.

تحقيقن ۾ گهرواري سان تعلق رکندڙ ماڻهن کان مختلف تفصيل وٺڻ سان گڏ انهن جي وات جي ٿُڪ جا نمونا به ورتا ويا.

ماهرن چيو ته جڏهن گهرواري طرفان هاڪاري جذبن جو اظهار ٿيندو آهي ته مڙسن جي جسم مان ڪارٽيسول جي سطح گهٽبي آهي.

اهو اثر ان وقت وڌيڪ مضبوط هوندو آهي جڏهن ٻنهي طرفان هاڪاري جذبن جو اظهار ٿئي ۽ ان لاءِ وچولي عمر تمام بهترين هوندي آهي.

اهڙي تحقيق کانپوءِ ماهرن چيو ته گهرواريءَ سان مضبوط خوشگوار لاڳاپا مڙس جي صحت لاءِ انتهائي فائديمند هوندا آهن، جيڪي سماجي ذريعن ۾ پڻ ڪردار ادا ڪن ٿا.

هنن چيو ته بهتر لاڳاپن جي ڪري مڙسن جي عمر به وڌي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.