نوجوان کي يورپ جو ڏٽو ڏئي ليبيا موڪليندڙ انساني سمگلرن کي 33 سال قيد جي سزا

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان کي يورپ جو ڏٽو ڏئي ليبيا ۾ گم ڪندڙ انساني سمگلرز کي 33 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
گوجرانوالا ۾ اسپيشل جج سينٽرل ون جي عدالت پاڪستاني نوجوان کي ليبيا ۾ قيد ڪري تشدد ڪرڻ ۽ پوءِ ان کي گم ڪرڻ ۾ ملوث ٻن انساني سمگلرز کي 33-33 سال قيد جي سزا ٻڌائي، گڏوگڏ عدالت جوابدارن تي 18- 18 لک رپين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو.
واضح رهي ته جوابدارن گذريل سال نويد نالي نوجوان کي يورپ جو ڏٽو ڏئي ليبيا موڪليو هو، جوابدارن نويد جي گهر ڀاتين کان 32 لک رپيا وصول ڪيا هئا.
ان حوالي سان ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوان اڃا تائين گم آهي، جنهن جو ڪيس ڊسمبر 2023 ۾ داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.