دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ٽڪيٽن لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي ويو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميچن لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو عمل پڻ جلد شروع ٿيندو، چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون ڏسڻ ۾ دلچسپي رکندڙ شوقين اڄ کان ٽڪيٽ لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪري سگهن ٿا.
آءِ سي سي موجب چيمپيئنز ٽرافي جي ميچن جي ٽڪيٽن لاءِ شوقين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا، رجسٽرڊ ٿيندڙ شوقينن کي ٽڪيٽن لاءِ ترجيح ڏني ويندي.
You might also like