لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي سڀني دارالامان مان مرد ملازمن کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس طارق سليم شيخ سمورا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 36 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلي ۾ پنجاب حڪومت کي سڀني دارالامان مان مرد ملازمن کي هٽائڻ، شيلٽر هومز جي مانيٽرنگ لاءِ ڊيٽابيس ۽ سافٽ ويئر ٺاهڻ ۽ سڀني دارالامان جي داخلي رستن ۽ احاطي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين ادارن دارالامان ۾ ٻارن لاءِ حفاظتي قدمن جي کوٽ، عورتن جي حقن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تي عمل درآمد نه ٿيڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته هر ضلعي جا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز گهٽ ۾ گهٽ 2 مهينن ۾ هڪ ڀيرو لاڳاپيل دارالامان جو جائزو وٺن، دارالامان ۾ رهندڙ عورتن جي معاشي بحالي لاءِ کين پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪئي وڃي.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته چائلڊ پروٽيڪشن بيورو ٻارن جي حفاظت لاءِ ادارن لاءِ ريگيوليشنز ٺاهي، ٻارن جي حفاظت جي سڀني ادارن جي رجسٽرڊ کي يقيني بڻائي، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پڻ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪري، دارالامان ۽ شيلٽر هومز جي حوالي سان لاڳاپيل ويب سائيٽ تي سموري ڄاڻ معلومات فراهم ڪئي وڃي.
عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ پنجاب جي سڀني دارالامان مان مرد ملازمن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو.
Next Post
You might also like