لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ليگ جي ٻئي سيزن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، مداحن کي ليجنڊز ڪرڪيٽرز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايڪشن ۾ ڏسڻ لاءِ ايندڙ سال جولاءِ تائين انتظار ڪرڻو پوندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽورنامينٽ 18 جولاءِ کان ٻه آگسٽ تائين انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان، روايتي مخالف ڀارت کانسواءِ انگلينڊ، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون به حصو وٺنديون.
ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ 18 جولاءِ تي انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ويهه جولاءِ تي آمهون سامهون ٿينديون.
ايونٽ جا ٻئي سيمي فائنل 31 جولاءِ تي ٿيندا جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل ٻه آگسٽ تي ايجبسٽن ۾ شيڊيول آهي.
ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ليگ جي پهرئين سيزن ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان چيمپيئنز کي پنج وڪيٽن تان هارائي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.
Next Post
You might also like