اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار وڌائڻ لاءِ ”ٽو آفريقا ڪيبل“ جي فزڪل ڪنيڪٽويٽي ڪئي پئي وڃي، جيڪا 2025 کان فعال ٿي ويندي.
انٽرنيٽ واهپيدارن لاءِ هڪ سٺي خبر سامهون آئي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ سال انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو مسئلو حل ٿي ويندو.
پي ٽي اي اختيارين ٽو آفريقا ڪيبل جي فزڪل ڪنيڪٽويٽي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار وڌائڻ لاءِ ٽو آفريقا ڪيبل جي فزڪل ڪنيڪٽويٽي ٿي رهي آهي.
ذريعن موجب ٽو آفريقا ڪيبل تي ٽريفڪ لوڊ 2025 کان فعال ٿي ويندو ۽ ٽو آفريقا ڪيبل لڳڻ سان 45 هزار ڪلو ميٽر ڊگهي انٽرنيٽ پاڪستان سان ڳنڍجي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 2025 ۾ واهپيدار تيز ترين انٽرنيٽ مان فائدو حاصل ڪري سگھندا، ٽو آفريقا ڪيبل يورپ، آفريقا، ايشيا جي 46 ڪيبل لينڊنگ اسٽيشنز کي جوڙي رهي آهي، ڪيبل جو اهو پراجيڪٽ فيس بڪ ميٽا طرفان لڳايو پيو وڃي، جنهن جو پاڪستان به حصو آهي.
هوڏانهن ڪراچي جي سمنڊ تي 45 هزار ڪلو ميٽر ڊگهي انٽرنيٽ ڪيبل پهچي وئي آهي، سمنڊ اندر انٽرنيٽ ڪيبل ٽو آفريقا سان پاڪستان کي 24 ٽيرابٽس بينڊوڊٿ انٽرنيٽ فراهم ٿيندي، ٽرانس ورلڊ تحت فرينچ ڪمپني پاران ڪيبل لڳائڻ جو ڪم جاري آهي.
هن وقت پاڪستان کي 7 ڪيبلز مان تقريبن 8 ٽيرابٽس بينڊوڊٿ دستياب آهي، ميٽا ۽ چائنا موبائل سميت عالمي ڪمپنيون ٽو آفريقا ڪيبل کي آپريٽ ڪري رهيون آهن.
You might also like