لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڊيوڊ ولي انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) کي ٿڏي پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) ۾ کيڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلش فاسٽ بالر ڪرڪيٽ جي دنيا جي مهانگي ترين ليگ آءِ پي ايل ڇڏي پاڪستان سپر ليگ لاءِ پليئر ڊرافٽ ۾ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ هو پوري ٽورنامينٽ ۾ موجود هوندو.
آءِ پي ايل ۾ ڊيوڊ ولي کي لکنئو سپر جائنٽس اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو، پر هن ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ورتو آهي.
ڊيو ولي پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ ملتان سلطان جي نمائندگي ڪئي هئي، کيس فرنچائز باظابطا طور تي سائن ڪيو هو.
You might also like