ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برسات وسائڻ وارو سسٽم پاڪستان مان نڪرڻ سبب ايندڙ ڪجهه ڏينهن سخت ٿڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ جي لهر جاري آهي، ماهرن موجب اڄ برسات وسائيندڙ سسٽم پاڪستان مان نڪري ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن موسم سخت ٿڌي رهندي.
ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ تيز هوائون گهلڻ سبب وڌيڪ ٿڌ ٿي وئي، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ 20 کان 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ پارو 27 ۽ گهٽ کان گهٽ 11 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
هوڏانهن لاهور ۾ اڄ گهٽ کان گهٽ پارو 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
You might also like