انسٽاگرام ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪيو پيو وڃي، جيڪو اوهان جي دوستن کي اهڙو مواد ڏسڻ جو موقعو ڏيندو، جيڪو توهان اڳي نه ڏٺو هوندو.
ڪمپني هڪ نئين فيچر ”اسٽوري هاءِ لائٽس“ جو تجربو ڪري رهي آهي.
هن فيچر تحت، واهپيدار جي Mutual فالوورز جي اهڙين انسٽاگرام اسٽورين (جو اڳي نه ڏٺيون ويون آهن) کي اسٽوريز ٽري جي آخر ۾ ڏيکاريو ويندو.
ميٽا ڪمپني طرفان فيچر جي آزمائش جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ميٽا جي ترجمان ٻڌايو ته هو هميشه اهڙين نون طريقن تي ڪم ڪندا رهندا آهيون جيڪي ماڻهن کي اسٽورين سان ڳنڍڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
ترجمان چيو آهي هو اسٽوريز ٽري جي آخر ۾ ” اسٽوريز هاءِ لائٽس“ فيچر جو تجربو محدود واهپيدارن لاءِ ڪري رهيا آهن.
اهو چوڻ هي ضرورت ناهي ته انسٽاگرام ۾ هاڻي ريلز ۽ اسپانسر پوسٽن جي ڀرمار هوندي آهي، جنهن سبب انهن ماڻهن جي اپ ڊيٽس نه ڏسي سگهڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي جنهن کي اوهان فالو ڪري رهيا آهيو.
فوٽو شيئرنگ ايپ جو نئون فيچر ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن اوهان پنهنجي دوستن ۽ گهرڀاتين جي پوسٽن کان محروم نه رهو.
ميٽا موجب، واهپيدار گذريل هفتي جون اپڊيٽس اسٽوري هاءِ لائٽس ۾ ڏسي سگهندا.
پر اوهان ان اسٽوري هاءِ لائٽس تائين رڳو ان صورت ۾ پهچي سگھو ٿا جڏهن توهان اسٽوريز جي مڪمل ٽري جي آخر تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪندا.
واضح رهي ته هن فيچر ۾ اهي اسٽوريز شامل نه هونديون جيڪي 24 ڪلاڪن بعد پاڻمرادو طور تي ختم ٿي وڃن ٿيون، پر رڳو اُهي اسٽوريون نظر اينديون جيڪي واهپيدارن پنهنجي پروفائلز تي محفوظ ڪري رکيو آهي.
Next Post
You might also like