لنڊن (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي طرفان ڀارتي مفادن جو خيال رکڻ تي برطانوي اخبار ڀارت جو اصل چهرو وائکو ڪري ڇڏيو.
برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت جو فائدو پهچائڻ لاءِ راند جي ساک متاثر ڪئي وئي، ڀارت پنهنجي طاقت سان پاڪستان کي فائنل جي ميزباني کان روڪي رهيو، اهڙو مثال راندين جي دنيا ۾ ڪٿي نه ٿو ملي.
اخبار موجب، اِهو سراسر غلط آهي ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٻه وينيوز پاڪستان ۽ يو اي اي رکيا ويا آهن، جڏهن ته فائنل لاهور ۾ شيڊيول آهي پر جيڪڏهن ڀارت پهتو ته فائنل گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏيو ويندو.
هڪ ملڪ ايترو طاقتور آهي جو هو ٻئي ملڪ کي فائنل جي ميزباني کان روڪي رهيو آهي، فائنل جي وينيوجو چار مارچ تائين يعني پنج ڏينهن تائين پتو ئي نه پوندو جنهن جو مثال ڪٿي نه ٿو ملي.
Prev Post
You might also like