واشنگٽن ( م ڊ ) عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس غزا ۾ اسرائيلي بمباري کي جنگ نه پر ظلم قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي ميڊيا موجب غزا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ٻارن سميت 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.ان حوالي سان هڪ موقعي تي ڳالهائيندي پوپ فرانسس چيو ته ٻارن تي بمباري ڪئي وئي، اهو ظلم آهي، اها جنگ ناهي. ٻئي طرف اسرائيل پوپ فرانسس جي ان بيان کي نشانو بڻايو ۽ مٿس ٻٽي معيار جو الزام هنيو. اسرائيلي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ فرانسس جو بيان مايوس ڪندڙ آهي ڇو ته ان جو سچائي سان ڪو به واسطو ناهي، کيس اسرائيلي جنگ جي خبر ناهي.