لنڊن (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار عمران خان آمريڪا جي ڪُلهي تي سوار ٿي اقتدار وٺڻ چاهي ٿو.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته فوجي عدالتن جن 25 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون، انهن جون وڊيوز موجود آهن.
هن چيو ته 9 مئي تي منصوبابندي تحت حملا ڪيا ويا، حملا ڪندڙ تربيت يافته هئا، ڏيڍ سال کان اهو معاملو ٽنگيل رهيو، 9 مئي جي ذميوارن کي انجام تي پهچائڻ جو معاملو عدليا سبب دير جو شڪار ٿيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ جي محبت ۾ چريا ٿي ويا آهن، انهن کي ماضي ڏسڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني پاڻ اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي ۽ هاڻ آمريڪا جي مدد سان اقتدار چاهي ٿو.
اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار عمران خان آمريڪا جي ڪُلهي تي چڙهي اقتدار چاهي ٿو: خواجا آصف
You might also like