چيمپيئنز ٽرافي: پاڪستان نيوٽرل وينيو لاءِ گڏيل عرب امارتن جي چونڊ ڪري ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گڏيل عرب امارتن کي نيوٽرل وينيو طور چونڊي ورتو.
پي سي بي ترجمان موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ باضابطا طور آءِ سي سي کي نيوٽرل وينيو بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
پي سي بي ترجمان ٻڌايو ته هاڻ ڀارت جون چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون يو اي اي ۾ ٿينديون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نيوٽرل وينيو جو فيصلو ميزبان ملڪ کي ڪرڻو هو ۽ وينيو جو حتمي فيصلو محسن نقوي ۽ شيخ النهيان جي ملاقات کانپوءِ ٿيو، شيخ النهيان يو اي اي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.