لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا عروا حسين جي لاهور ۾ برائيڊل فيشن شو دوران ٿاٻڙجڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
فيشن شو دوران جتي اداڪارائن ڪنوار جي روپ ۾ ريمپ تي واڪ ڪري جلوا وکيريا، اتي ئي وري عروا حسين ٿاٻڙجي پئي.
فيشن شو دوران عروا حسين به ڪنوار جو عروسي لباس پائي ڪيٽ واڪ ڪئي ۽ ريپ ڊانس ڪري خوب داد وصول ڪيو.
اداڪارا کي وزني لباس پاتل هو، جنهن سبب کيس واڪ ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پيش آئي.
عروا جي وزني لباس ۾ ريمپ تي واڪ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ کيس ٿاٻڙجندي ڏسي سگهجي ٿو پر هوءَ پنهنجو توازن برقرار رکندي ڪِرڻ کان بچي وئي.
You might also like