پارليامينٽ ۾ ويهي سگريٽ جا ڪَش هڻندڙ عورت ميمبر ڏچي ۾ پئجي وئي

اسيمبلي ۾ پنهنجي سيٽ تي ويهي پرسڪون انداز ۾ اي سگريٽ (ويپ) لڳائيندڙ عورت پارليامينٽ ميمبر ڏچي ۾ پئجي وئي.
ڪولمبيا جي پارليامينٽ ۾ تازو هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ صحت جي حوالي سان نظام کي بهتر بڻائڻ جي گڏجاڻي ۾ گرما گرم بحثو دوران ڪيٿي جو وينا نالي ڪانگريس جي عورت پارليامينٽ ميمبر اليڪٽرانڪ سگريٽ جو ڪش لڳائيندي پڪڙجي پئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
عورت ميمبر کي ويپ استعمال ڪندي ڏٺو ويو، کيس خبر نه هئي ته ڪير ان جي وڊيو ٺاهي رهيو آهي.
وڊيو وائرل ٿيندي ئي ماڻهن جي تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويو، هڪ واهپيدار لکيو ته صحت جي حوالي سان ميٽنگ ۾ ويپ جو استعمال وحشياڻو آهي.
هڪ ٻئي واهپيدار تبصرو ڪيو ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته پارليامينٽ ۾ سگريٽ ڇڪڻ چريائپ ۽ بي عزتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.