بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي ڀاڻيجي ۽ برطانيا جي وزير ٽيولپ صديق خلاف ڪرپشن جو ڪيس سامهون آيو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي ڀاڻيجي، جيڪا برطانوي حڪومت ۾ بدعنواني جي خاتمي واري وزير آهي، تي الزام آهي ته هن 2013 ۾ بنگلاديش ۽ روس وچ ۾ هڪ معاهدو ڪرايو، جنهن سبب بنگلاديش ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ڪُل قيمت ۾ واڌ ٿي.
بنگلاديش ۾ جاري ڪرپشن خلاف جاچ ۾ ٽيولپ صديق جي خاندان تي 3.9 ارب پائونڊز جي خرد برد جو الزام پڻ لڳايو ويو آهي.
هوڏانهن ٽيولپ صديق جي ويجهن ذريعن ڪرپشن جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي.
You might also like