”مون کان وڌيڪ ٻليءَ جي ڳڻتي اٿس“ زال مڙس تي ڪيس ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ تازو هڪ عورت پنهنجي مڙس خلاف انوکو ڪيس فائل ڪيو، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته مڙس مون کان وڌيڪ پالتو ٻلي جو خيال رکندو آهي.
عدالت جي جج ايم ناگا پرسنا پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته ان ڪيس ۾ مڙس تي ظلم، زيادتي يا هراساني جا مخصوص الزام ناهن، فريادڻ جو مرڪزي نڪتو رڳو ٻلي تي وڌيڪ ڌياڻ ڏيڻ آهي.
عورت پنهنجي شڪايت ۾ وڌيڪ چيو ته جڏهن به مڙس جي سامهون ايندي آهيان ته ان جو رويو بهتر ناهي هوندو ۽ ڏند چڪ معمول بڻيل آهي.
عورت اها پڻ شڪايت ڪئي ته ٻلي ڪيترائي ڀيرا مون تي حملو ڪري چڪي آهي پر مڙس ڪجهه نٿو ڪري.
جسٽس ناگا پرسنا چيو ته اها شڪايت شادي ۽ گڏ رهڻ جي حوالي سان آهي پر ان الزام جو بنياد مڙس جي گهر ۾ موجود پالتو ٻلي بابت جهيڙو آهي.
عدالت ان عجيب ڪيس کي ٻڌڻ کانپوءِ مڙس خلاف وڌيڪ جاچ روڪيندي عورت جي ان غير سنجيده درخواست تي سندس ڇنڊ به پٽي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.