لوساڪا (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ جي صدر تي ”ڪارو جادو“ ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب زيمبيا جي صدر تي ڪاري جادو جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان ٻه جيئرا سانڊا ۽ ٻيو سامان پڻ برآمد ڪيو ويو آهي.
زيمبيا پوليس چيو آهي ته انهن ٻنهي جوابدارن کي جادو ڦيڻي ذريعي ڏکڻ آفريقي ملڪ جي صدر کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب موزمبڪ جي شهري جسٽن ميبوليسي ۽ زيمبيا جي ڳوٺ جي رهواسي ليونارڊ فيري کي تخت گاهه لوساڪا مان گرفتار ڪيو ويو، شڪي جوابدارن وٽان ٻن جيئرن سانڊن سميت ڪاري جادو لاءِ استعمال ٿيندڙ مختلف سامان پڻ برآمد ڪيو ويو، جوابدارن تي الزام آهي ته اهي جادوگري جي مشقن ۾ مصروف هئا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جو مقصد رياستي سربراهه کي نقصان پهچائڻ هو، جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.
پوليس جو الزام آهي ته ان جوڙي کي مخالف پارليامينٽ ميمبر جي ڀاءُ پاڻ وٽ رکيو هو، جيڪو ڦر، قتل ۽ پوليس حراست مان فرار ٿيڻ جي ڪيس ۾ نامزد آهي.
Prev Post
You might also like