سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ هڪ خاتون کي ڏهاڪن جي انتظار کانپوءِ نيٺ ملڪيت مان حصو ملي ويو، جنهن تي سندس ڀائرن قبضو ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سرينگر ۾ ملڪيت کان محروم عورت جي ڪيس ۾ هندو جج ونود چٽرجي کول سوره نساء جي آيت نمبر 11 پڙهي ٻڌائي ۽ عورت کي وراثت جو حق ڏياريو.
ڄمون ڪشمير هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ونود چٽرجي کول ذيلي عدالتن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ماڻهو مسلم پرسنل لا کان ڪيئن بي خبر ٿي سگهن ٿا.
هندو جج چيو ته اسلام ۾ وراثت جي ورڇ جا بلڪل واضح قانون ۽ اصول آهن، پٽن کي ڌيئرن کان ٻيڻو حصو ملندو آهي، ڇو ته مردن تي زال، ٻارن، ماءُ پيءُ وغيرا جي ذميواري هوندي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مختي نالي عورت کي 1980 ۾ سندس ڀائرن پيءَ جي وراثت مان بي دخل ڪري زينه ڪوٽ نالي علائقي ۾ 69 ڪنال زمين تي قبضو ڪري ورتو هو.
ڀائرن سرڪاري آفيسرن سان ڳٺ جوڙ ڪري زمين پنهنجي نالي ڪرائي ۽ مختي پنهنجي چئن ڌيئرن ۽ پنجن پٽن سان گڏ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي هئي.
1996 ۾ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ سندس حق ۾ فيصلو ڪيو پر ڀائرن اهو فيصلو ٻي عدالت ۾ چيلنج ڪيو ۽ ان ئي سال ۾ مختي لاڏاڻو ڪري وئي.
عورت جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس وڏي پٽ محمد سلطان بٽ قانوني جنگ جاري رکي ۽ پوءِ ان جو به لاڏاڻو ٿي ويو.
ان کانپوءِ عورت جي سڀ کان ننڍي پٽ محمد يوسف بٽ ڪيس وڙهيو ۽ نيٺ پنهنجي ماءُ جو حق حاصل ڪري ورتو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مختي جي ڀاءِ مختي جي حصي جي 23 ڪنال زمين مان ڪجهه وڪرو ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري اڄوڪي دور جي قيمتن موجب ادائيگي ڪئي وڃي يا ڪنهن ٻي جڳهه تي ايترو ئي ايراضي ڏني وڃي.
You might also like