9 مئي جي سربراهه کي ضرور سزا ملندي: عطاءُ الله تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي سربراهه کي سزا ضرور ٿيندي، ان ڏوهه جي معافي نه ملندي.
لاهور ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ سدائين ملڪ ترقي ڪئي، دوست ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان اچي رهيا آهن.
هن چيو ته اڄ وري ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، رپيو مستحڪم آهي ۽ مارڪيٽ مٿي وڃي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ملڪي دفاع ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي.
عطاءُ الله تارڙ چيو ته سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ڪيا ويا، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، سياسي دهشتگردي نه هلندي، سياست دائري ۾ رهي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.