ڄم، شادي ۽ لاڏاڻي جو سرٽيفڪيٽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ سان مشروط

پشاور (ويب ڊيسڪ) پيدائش، شادي، ۽ لاڏاڻي جا سرٽيفڪيٽ پوليو کان بچاءَ جي ڦڙن سان مشروط ڪيا ويا آهن.
خيبر پختونخوا ۾ پيدائش، شادي ۽ لاڏاڻي جا سرڪاري سرٽيفڪيٽ هاڻي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ تي ئي جاري ڪيا ويندا.
ان سلسلي ۾ پشاور ۾ 7 تعلقن کي ڊپٽي ڪمشنر پاران حڪمن تي عملدرآمد لاءِ هڪ خط جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ضلعي صحت آفيس کان پوليو ويڪسين جو تصديقي سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
خط ۾ اختيارين چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪن ٿا، انهن کي پابند ڪرڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.